اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ويندي ويندي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو في ليٽر 19 روپيه 95 پئسن جي وڏي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس دوران تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار موجب پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 272.95 روپيه ٿي وئي آهي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 روپيه 90 پئسا واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 273 روپيه 40 پئسا ٿيندي نيون قيمتون فوري طور تي لاڳو ٿينديون. اسحاق ڊار ٻڌايو ته گذريل رات پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻيون هيون. عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ واري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته قيمتن ۾ گهٽ کان گهٽ هيٺ مٿانهين ڪئي وڃي. ملڪي مفادن کي آڏو رکندي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ آهيون. ان لاءِ اهڙا فيصلا نٿا ڪري سگهون جنهن سان ملڪ پريشانين جو شڪار ٿئي. ملڪي مفاد کي سامهون رکندي پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته ماضيءَ ۾ به اهوئي مسئلو ٿيو ته حڪومت ويندي ويندي معاهدي کي پورو نه ڪيو ان ڪري اسان کي آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي بابت ڪمٽمينٽ ڪرڻي پئي.