ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ھاڻوڪي حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪرڻ وري آھي، ھن وقت ھر کاتو پنھنجو ڪم ڪري رھيو آھي، الحمداللھ سنڌ حڪومت ڪيترائي تاريخي ڪم ڪيا آھن. آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ملير ڪينٽ چوڪي نمبر 5 کان نمائش چورنگي تائين اي وي بس جو نئون روٽ شروع ڪيو ويو آھي، اھڙي ريت کوکراپار کان صدر وايا قائد آباد ۽ ڪورنگي 35 ڪلوميٽر ڊگھو پيپلز بس سروس جو نئون روٽ به شروع ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ھائوسنگ جو تاريخي منصوبو شروع ڪيو  آھي، جنھن تحت سنڌ سرڪار طرفان ماڻھن کي 21 لک گھر ٺاھي ڏنا ويندا، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ماڻھن کي ذاتي طور سندون ڏنيون ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب، ھن ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. ھن چيو ته ھڪ تاثر آھي ته ٽئين دُنيا جي ملڪن ۾ عورتن تي ظلم ۽ زيادتيون ٿينديون آھن ۽ کين معاشري ۾ جوڳو مقام به ناھي ملندو اُن لاءِ پيپلز پارٽي جي سدائين اھا ڪوشش رھي آھي ته عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي، اُن لاءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سدائين اھا ڪوشش ڪئي ته ھر شعبي ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھائوسنگ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کانپوءِ جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ، دادو، نوشھرو فيروز ۽ شڪارپور ۾ به ماڻھن کي گھر ٺاھي ڏيڻ ۽ اُنھن گھرن جي مالڪاڻن حقن جون سندون ڏنيون ويون، سڀاڻي خيرپور ۾ ۽ اُن کانپوءِ بدين، شھيد بينظير آباد، مٽياري، ڄامشوري ۾ سندون ڏنيون وينديون. ھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ جتي به ماڻھن جا گھر ٻوڏ سبب تباھ  ٿيا اُتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ماڻھن کي گھر ٺاھڻ لاءِ معاوضو ۽ زمين جا مالڪاڻا حق ڏئي رھي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته ھي طريقيڪار ايئن ئي ھلندو رھندو، ڀلي ڪھڙي به حڪومت ھُجي، سنڌ حڪومت جيڪو ميڪنزم جوڙيو آھي اُن کي ڪابه حڪومت اچي بلڊوز ڪري نٿي سگھي، چونڊيون جڏھن به ٿين، عوامي ڀلائي جو ھي نظام ھلندو رھندو، ڪوبه اُنھن پراجيڪٽس کي بند ڪري نٿو سگھي. ھن چيو ته 21 لک ماڻھن کي گھر ڏنا ويندا ۽ جيڪي ماڻھو سرڪاري زمينن تي آباد آھن، اُنھن کي اُنھن زمينن جا مالڪاڻي حق ڏنا ويندا، پيپلز پارٽي جي اھا ڪوشش رھي آھي ته سمورا پروجيڪٽ جٽادار ھُجن ۽ ھلندا رھن، پاڪستان جو سڀني کان بھترين صحت جون سھولتون سنڌ حڪومت طرفان ڏنيون پيون وڃن ۽ ھي سموريون سھولتون ايئن ئي جاري رھنديون، سنڌ حڪومت جا اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، ڪينسر جي مفت علاج، جگر جي مفت ٽرانسپلانٽ وارا منصوبا جيئن جو تيئن ھلندا رھندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ پنھنجي ڪارڪردگي جي ڪري حڪومت ٺاھيندي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪم ڪري ڏيکاريو آھي، جيڪي شيون پوري پاڪستان ۾ ڪٿي نظر نه ٿيون اچن، اُھي اوھان کي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت طرفان نظر اينديون. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ واري شعبي ۾ عوام کي سبسڊي ڏني آھي، 6 مھينن لاءِ پيپلز بس سروس جي ڪراين جي مد ۾ سبسڊي ڏني وئي آھي. توانائي جي حوالي سان ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسلام آباد ۾ معدنيات بابت ڪانفرنس ٿي رھي آھي جيڪا ھڪ سٺي ڳالھ آھي، قدرتي معدنيات ملڪ کي اڳتي وٺي ويندا، ٿر ڪول پراجيڪٽ پاڪستان پيپلز پارٽي شروع ڪيو، محترمه شھيد خواب ڏٺو ھو ته سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي پيد اڪئي وڃي، اڄ پوري دُنيا چوي پئي ته سڀني کان سستي توانائي ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي آھي ۽ ٿرڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي مان پوري ملڪ کي فائدو رسي رھيو آھي. ھن چيو ته سي پيڪ جو خالق اڳوڻو صدر آصف علي زرداري آھي، سي پيڪ  جو منصوبو اُن جو ئي ويزن آھي، صدر زرداري جي دور ۾ پاڪستان مان ڪڻڪ ٻاھرين ايڪسپورٽ ٿيندي ھُئي، پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ پاڪستان جي مسئلن جا بھترين حل ڏنا آھن، پيپلز پارٽي کي جڏھن به حڪومت ملي اُن ملڪ جي لاءِ مثالي قدم کنيا آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ايم ايف سان معاھدو مجبوري ھُئي، جعلي مينڊيٽ سان ملڪ تي ٿاڦيل ھڪ نااھل شخص ملڪي معيشت کي تباھ ڪيو، اڳوڻي نااھل وزير اعظم آءِ ايم ايف سان وعدي خلافي ڪئي، جنھن جي ڪري ملڪي معيشت دُٻاءُ جو شڪار ٿي وئي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين مھانگائي خلاف آواز اُٿاريو آھي، پيپلز پارٽي ھن مھانگائي واري دور ۾ ماڻھن کي گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي، مفت ۾ ماڻھن جو علاج  ٿي رھي آھي ۽ لکين رُپين جا آپريشن مفت ۾ ٿي رھيا آھن. ھن چيو ته ڪارونجھر جي افاديت کي ڪنھن به ريت نقصان نه رسايو ويندو، چونڊون ويجھي آھي، ڪجھ ماڻھو ھاڻي سياست لاءِ نڪرندا، جن کي خواري نصيب ٿي ھاڻي اُنھن جو ڳٺ جوڙ ٿيندو، ڪارونجھر جي نالي تي سياست ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آھي جيڪا ھر ڏُک سُک ۾ عوام سان گڏ بيٺي آھي ۽ پيپلز پارٽي جي سدائين اھائي اوليت رھي آھي، باقي پارٽين جي سوچ اھڙي ناھي، پيپلز پارٽي کي جڏھن به موقعو مليو آھي اُن عوام جي خدمت ڪئي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بدين ۾ پيپلز پارٽي روڊ ۽ اسپتالون ٺھرائڻ سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here