ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هڪ شخص ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عمران خان تحفي ۾ مليل گهڙي ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪري ڇڏي، ڪپتان ووٽ بينڪ وڌائڻ لاءِ مذهب جو استعمال ڪندو آهي، هن اها گهڙي کپائي جنهن ڪعبت الله جي تصوير به آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، ڪپتان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ آئيني حدون اورانگهڻ تي عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هو نيب ۽ ايف آءِ اي کي اپيل ڪن ٿا ته عمران خان کي جيڪي فنڊ مليا آهن انهن جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ملوث آهي ۽ ڪينسر اسپتال جا پيسا به کائي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪڻڪ جو في مڻ 4 هزار رپيا مقرر ڪيو آهي، جنهن سان ڪڻڪ جي پيداوار وڌندي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته برساتي ٻوڏ متاثرن کي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ في ايڪڙ 5 هزار رپيا ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، عمران خان ٻوڏ متاثرن جي رقم به کائي ويو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان مارچ نه ڪري ها ته سڄي دنيا جو رخ ٻوڏ متاثرن ڏانهن هجي ها، ڪپتان ٻڌائي ٻوڏ متاثرن جي نالي تي جيڪي پيسا گڏ ڪيا اهي ڪٿي آهن؟. سندس چوڻ هو ته پنڊي جو شيطان تاريخي لوٽو آهي، هميشه پارٽيون تبديل ڪندو آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ شخص ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عمران خان تحفي ۾ مليل گهڙي ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪري ڇڏي، ڪپتان ووٽ بينڪ وڌائڻ لاءِ مذهب جو استعمال ڪندو آهي، سپريم ڪورٽ کي ڪپتان خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here