سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان حقيقي آزادي مارچ نه پر حقيقي آوارگي لاءِ نڪتو آهي هو ڪهڙِ آزادي جو درس ڏئي رهيو آهي عمران خان پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ٻڌائي رڳو هن ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪارپور ۾ منعقد پيغام جمعيت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي حڪومتي دور ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو هڪ نوڪري ته پري جي ڳالهه آهي هن لکين نوجوانن کي نوڪري مان ڪڍي بيروزگار ڪيو. هن چيو ته اسلام جي نالي تي اهو سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ چور ثابت ٿي ويو جمعيت علماءِ اسلام دين اسلام لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي پاڪستان واسين جمعيت علماءِ اسلام جي بيان کي سمجهيو آهي جمعيت علماءِ اسلام دين جو پيغام پهچايو ان موقعي تي ڪانفرنس کي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، علامه راشد محمود سومرو، اسلم غوري، ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو ڪانفرنس کان اڳ مولانا فضل الرحمان اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي رات جي ماني ۾ شرڪت ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here