ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ ٻئي ڏينهن به لاڪ ڊائون، ڪراچي ۾ آچر جي موڪل سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هجڻ برابر، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار نه کُليو، حيدرآباد ۾ پوليس جون لاڪ ڊائون تي عمل لاءِ ڦُڙتيون، قاسم آباد، حسين آباد، لطيف آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، مُک بازارون لاڪ ڊائون جي ٻئي ڏينهن به بند، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، فيض گنج، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ لاڪ ڊائون، سنڌڙي ۾ انتظاميا ۽ پوليس لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، لاڪ ڊائون باوجود مال پڙي تي شهرين جي پِيهه، ماڻهن ماسڪ ۽ سماجي وٿي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، سڪرنڊ ۾ لاڪ ڊائون باوجود مال پڙي تي رش، ايس او پيز نظرانداز، پوليس ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here