اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي طبي رپورٽ طلب ڪري ورتي. رپورٽ موجب سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل احتجاجي مظاهري ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت واري ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آباد ۾ ٿي. عدالت عمران خان کان طبي بنيادن تي اڄوڪي ٻڌڻي ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي اڳوڻي وزيراعظم جي عبوري ضمانت ۾ 28 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان جي مڪمل ميڊيڪل رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن ڪئي. جتي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان راءِ تجمل حسين لالي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته گوليون لڳڻ سبب عمران خان سخت بيمار آهي ان لاءِ پيش نٿو ٿي سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.