چمن (مانِترنگ ڊيسڪ) ڪامياب ڳالهين کانپوءِ پاڪ افغان چمن بارڊر باب دوستي 8 ڏينهن بند رهڻ کانپوءِ کوليو ويو، سرحد کلڻ سان ئي اچ وڃ بحال ٿي وئي ۽ واپاري سرگرميون به شروع ٿي ويون. ڊپٽي ڪمشنر چمن عبدالحميد زهري موجب پاڪ افغان بارڊر 8 ڏينهن کانپوءِ کوليو ويو آهي ۽ باب دوستي سان ٻه طرفو واپار ۽ اچ وڃ بحال ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته 13 نومبر تي بابت دوستي سرحد پار کان پاڪستاني فورسز تي فائرنگ کانپوءِ بند ڪيو ويو هو، فائرنگ سان هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا، بابت دوستي بند ٿيڻ سان واپارين ۽ عام ماڻهن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون. پاڪ افغان فليڪ ميٽنگ ۾ افغان اختيارين طرفان سرحد تي فائرنگ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري جي خاطري به ڪرائي وئي. باب دوستي پنڌ اچ وڃ لاءِ معمول موجب صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي، جڏهن ته بارڊر ٽريڊ لاءِ صبح 8 کان رات 8 وڳي تائين کليل رهندو.