ڪراچي (مانيترنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به ڊالر ڏيڍ رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو قدر 49 پئسا وڌي 223 رپيا 66 پئسا ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 223.17 رپيا هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 50 پئسا مهانگو ٿي 231 رپين جو ٿي ويو آهي، جمعي تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 229 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو هو.