ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر لبنيٰ بيگ جي مقرري غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر لبنيٰ بيگ کي 63 ورهين جي عمر ۾ چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو هو جنهن تي جمال ناصر ان جي مقرري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊاڪٽر لبنيٰ بيگ کي 2020ع ۾ يونيورسٽي ۾ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو، ڊاڪٽر لبنيٰ بيگ جي عمر 63 سال آهي، جڏهن ته 60 سالن کان وڌيڪ عمر واري جي چيئرپرسن طور مقرري غيرقانوني آهي. جنهن کي رد ڪيو وڃي. جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر لبنيٰ بيگ جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.