ڪراچي (چيف رپورٽر) روزاني سنڌ سجاڳ جي نيوز ايڊيٽر محمد عمران سولنگي جي ڦر ايف آءِ آر جو ڊي ايس پي فهميده عباسي نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي ايس پي فهميده عباسي پاران آءِ او ظهور کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته جلد کان جلد ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، جيڪڏهن ڪو پوليس اهلڪار پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندو ان کي سخت سزا ڏيئاريندس. منهنجي آفيس جا دروازا هر ماڻهو لاءِ کليل آهن، ڪنهن کي ڪابه شڪايت ڪرڻي آهي منهنجي آفيس هليو اچي کين مدد ڪرڻ ۽ انصاف ڏيارڻ منهنجو فرض آهي.. ياد رهي ته گذريل 3 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود صحافي محمد عمران سولنگي جي گم ٿيل موبائيل، نقد رقم ۽ ٻيو سامان جوابدارن وٺان ملي ناهي سگهيو.