ڄامشورو/نوابشاهه(پ ر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا فيصلا پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ هوندا آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبا، وڏي وزير جي ضلعي ڄامشوري ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، منشيات سميت هر سماجي برائي جي شروعات ڄامشورو ضلعي کان ٿي رهي آهي، سکر_ حيدرآباد موٽر وي جي ٺهڻ ۾ وڏو وزير رڪاوٽ بڻيل آهي، اسان هن منصوبي ۾ ڪنهن کي به رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين. ڄامشوري ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي آفيس ۾ دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي نادر شاهي حڪم تحت لاڪ ڊائون لڳائي عوام کي پريشان ڪيو ويو، ڊبل سواري تي پابندي هڻي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ نيٺ ڊبل سواري واري فيصلي تان کين هٿ کڻڻو پيو، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون پاڪستان جي معيشت خلاف سازش آهي، سنڌ ۾ اين سي او سي جي گائيڊ لائين کي فالو نه پيو ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبا اڪيلي سر فيصلو ڪري نٿا سگهن، ان ڪري اين سي او سي پاران جيڪو به فيصلو هوندو اهو قبول ڪيو ويندو. هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي زمين وٺڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي 14 ارب رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن، سيد مراد علي شاهه حيدرآباد_ سکر موٽر وي لاءِ پنهنجي ضلعي مان موٽر وي گذارڻ لاءِ رستو نه پيو ڏئي، ڇاڪاڻ ته کيس ان لاءِ به مال گهرجي، سنڌ ۾ سمورن مسئلن جو ذميوار سيد مراد علي شاهه ئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت تائين هڪ به ويڪسين خريد ناهي ڪئي، 69 لک ويڪسين جا ڊوز وفاق پاران سنڌ جي عوام لاءِ ڏنا ويا، ايڪسپو سينٽر ۽ ويڪسين وفاق جي آهي پر سنڌ حڪومت ملازمن کي پگهار به ناهي ڏني، ايڪسپو سينٽر وٽ عوام جون قطارون لڳل آهن، سنڌ حڪومت وٽ فنڊ موجود هئا ته وڌيڪ سينٽر ڇونه جوڙياويا. هن چيو ته سنڌ جي ويڪسين ۽ عوام جو پئسو ڪشمير چونڊ تي خرچ ڪيا ويا، سنڌ حڪومت سرڪاري ويڪسين به وڪرو ڪري ڇڏي آهي، سنڌ مان نه ڪورونا ختم ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وڏي وزير جو روئڻ. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس وگهي ڪورونا کان وڌيڪ ماڻهو مري رهيا آهن، هيپاٽائيٽس تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، لاڪ ڊائون انسانن تي لڳي سگهي ٿو ته ڪتن تي ڇونه؟ سنڌ ۾ ڪتا آزاد گهمي رهيا آهن ۽ ماڻهن کي ڏاڙهي ماري رهيا آهن. هن چيو ته ڄامشوري مان منشيات پوليس آفيسرن کان هٿ اچي رهي آهي ۽ انهن پوليس آفيسرن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير ۽ سندس ساٿي ايم اين اي نهه چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن، هاڻي کين هر ڏوهه جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اين ايڇ اي جي ٽيم سکر_ حيدرآباد موٽر وي تي ڪم ڪري رهي آهي پر سنڌ حڪومت ان ۾ به رڪاوٽون وجهي پئي، مراد علي شاهه چاهي ٿو ته لياري ايڪسپريس وي جيان هن منصوبي ۾ به ڪرپشن ڪئي وڃي، پر اسان هن منصوبي ۾ ڪنهن کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين.