لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال فيڊريشن نارملائيزيشن ڪميٽي (پي ايف ايف اين سي) جي چيئرمين هارون ملڪ پاڪستان فٽبال کي انٽرنيشنل ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.هن 27 آگسٽ کان قومي سينيئر ٽيم ٺاهڻ لاءِ سليڪشن جو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پي ايف ايف اين سي جي چيئرمين چيو ته ملڪي ۽ عالمي سرگرمين جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن.سندس چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 90 رانديگرن کي لاهور طلب ڪيو ويو آهي، جن جي ڪارڪردگي ۽ فٽنيس جو جائزو ورتو ويندو ۽ شارٽ لسٽ تيار ڪئي ويندي.هارون ملڪ انٽرنيشنل فٽبال ٽيم جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو فٽبال سيريز جي ميزباني لاءِ دوست ملڪن سان رابطي ۾ آهن.هن اهو به ٻڌايو ته سيف وومينز فٽبال چيمپيئن شپ جي تيارين لاءِ ٽريننگ ڪيمپ جاري آهي.