ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ وهڪرن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ فوتگين جو سلسلو رڪجي ناهي سگھيو. پي ڊي ايم جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ حادثن سبب وڌيڪ 5 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا جنهن کانپوءِ پهرين جون کان هن وقت تائين فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 230 ٿي ويو آهي، فوتين ۾ 110 مرد، 55 عورتون ۽ 65 ٻارڙا شامل آهن. رپورٽ موجب صوبي ۾ فوتگيون بولان، ڪوئيٽا، زوب، دڪي، خضدار ڪوهلو، ڪيچ، مستونگ، هرنائي، قلعا سيف الله ۽ سبي ۾ ٿيون، سڀ کان وڌيڪ 27 فوتگيون ڪوئيٽا، 21 لسٻيلي ۽ 17 پشتين ۾ ٿيون، برساتن دوران صوبي ۾ مختلف حادثن دوران 98 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 55 مرد 11 عورتون ۽ 32 ٻارڙا شامل آهن. ٻوڏ وهڪرن ۽ برساتن سان گڏيل طور تي جتي بلوچستان ۾ 26 هزار 897 گھرن کي نقصان پهتو اتي هڪ لک 7 هزار 377 کان وڌيڪ چوپايو مال ٻوڏ وهڪرن جي ور چڙهي ويو، هن وقت تائين گڏيل طور تي 2 هزار ايڪڙ زمين تي پوکيل فصلن کي نقصان پهتو، جڏهن ته 710 ڪلو ميٽر تي مشتمل مختلف شاهرائون به سخت متاثر ٿيون.