ڪراچي(رپورٽر)رپئي جي قدر ۾ لاٿ، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 7 رپيا مهانگو ٿي ويو ملڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 7 رپيا مهانگو ٿي 229 رپين جو ٿي ويو. انٽربينڪ ۾ به ڊالر 72 پئسا مهانگو ٿيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 218 رپيا 38 جو ٿي ويو.