ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين سبب 300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ هن وقت درياهه جو منظر پيش ڪري رهي آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ هنگامي صورتحال 2010ع کان گهڻو خراب آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  هلندڙ سال غيرمعمولي برساتون ٿيون ۽ سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جڏهن 6 لک ڪيوسڪ جو ٻوڏ وهڪرو سکر بئراج وٽان گذري رهيو آهيو.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ معمول کان 350 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن ۽ سڄي سنڌ هن وقت درياهه جو منظر پيش ڪري رهي آهي، 20 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پوکيل فصل تباهه ٿي چڪو آهي ۽ سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ ماڻهو بندن تي ويٺل آهن.سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 15 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ کان ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وٽ خيما ختم ٿي ويا آهن، بي گهر ٿيل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ تقريبن 10 لک خيمن جي ضرورت آهي.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته متاثر علائقن جو دورو ڪري اتي ماڻهن سان مليو آهيان، متاثرن جو چوڻ آهي ته سڄي زندگي ۾ اهڙي صورتحال ناهي ڏٺي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here