اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستاني ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جي هڪ ٻئي عهديدار طرفان حضور صلعم جي شان ۾ گستاخي تي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار بيان ۾ چيو ته پاڪستان بي جي پي رڪن راجا سنگهه طرفان حضور صلعم بابت انتهائي چڙ ڏياريندڙ ۽ توهين جوڳي رمارڪس جي سخت مذمت ڪري ٿو، هن ڪريل واقعي تي بي جي پي جي اعليٰ قيادت جي خاموشي واضح طور تي انتها پسند هندن لاءِ مڪمل حمايت جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجمان چيو ته حقيقت اها آهي ته ڀارت هڪ اڻ اعلانيل ” هندو راشٽرا “ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، جتي مسلمانن کي معمول موجب بدنام ڪيو ويندو آهي، بي دخل ۽ پٺتي ڪيو ويندو آهي ۽ سندن مذهبي عقيدن کي اڪثريتي تسلط تحت پائمال ڪيو ويندو آهي. ترجمان چيو ته ڄاڻايل عهديدار خلاف بي جي پي طرفان ڪيل علامتي ۽ غيراثرائتي ڪارروائي ڀارت ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جو ڏک ۽ غم ختم نٿي ڪري سگهي، انتهائي توهين جوڳي رمارڪس سبب پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن.





