ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه پنهنجو ڪرونا وائرس جي ويڪسينيشن جو ڪارڊ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيو ٽيوٽر تي وڏي وزير مرادعلي شاهه پنهنجو ڪرونا ويڪسينيشن ڪارڊ شيئر ڪيو آهي، سيد مرادعلي شاهه پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته مان ويڪسين ڪرائي ڇڏي آهي اوهان به ڪرايو مرادعلي شاهه چيو ته ڪرونا وائرس ختم نه ٿيو آهي تنهنڪري ويڪسين لڳرائي پاڻ کي ۽ پنهنجي گهرڀاتين کي محفوظ رکو.