دوحا ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺڙائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوحا ۾ امير قطر شيخ تميم بن حمد ال ثاني سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ ٻه طرفن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطري امير ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن بعد وزيراعظم ۽ قطري امير جي والد شيخ حمد بن خليفه الثاني ۽ امڙ شيخه موزه بنت ناصر سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي گهاٽن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي اهيمت ڏئي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد ۽ مستقل حمايت جي مضبوط بنياد تي ٻڌل آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي بلند ڪرڻ ۾ شيخ حمد بن خليفه الثاني جي ادا ڪيل ڪردار کي ساراهيو ۽ سندس دور ۾ مضبوط لاڳاپن کي تسليم ڪيو. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان پاڪستان جي سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ قطري امير جي والد کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ  ڏني.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here