ڪراچي(نمائندن وٽان) امير جماعت اسلامي سراج الحق حڪومت ۽ مخالف ڌر کان گهر ڪئي آھي تہ ھو پنھنجي انا ۽ تماشو ڇڏي ڪري وقتي طور جنگ بندي ۽ برسات متاثرن جي واھر ڪن . وزير اعظم پاڻ رليف سرگرمين جي نگراني ڪري ڇو تہ ھتان جا چونڊيل نمائندا غائب ۽ سنڌ جو عوام لا وارث بڻيل آھي . اھڙن خيالن جو اظھار ھن سکر ۾ پريس ڪانفرنس ۽ سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ جعفرآباد ۾ برسات متاثرن علائقن جو دوري دوران ڪيو ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جنوبي پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان 90 فيصد متاثر ٿيو آھي . ڪئي ويڙھا ويران ۽ 8 سئو کان وڌيڪ حياتيون برسات جي نظر ٿي ويو آھن . ھي اللہ جي طرفان آزمائش آھي.موسميات کاتي اڳم برساتن جي اڳ ڪٿي ڪئي ھئي پر حڪومت عملي قدم ڪڻڻ بدران اگهور ننڊ ۾ ستل ھئي جنھن جي ڪري وڏي پيماني تي تباھي آئي آھي . حڪومت انتظام ناڪافي آھن . ڪاغذن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ تہ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا آھن پر عملي طور عام ماڻھو ھڪ ويلي ماني لاءِ بہ پريشان ۽ امداد لاءِ منتظر آھن .ھي وقت سياست جو نہ آھي حڪمرانن کي گهرجي تہ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ سياست کان بالاتر ٿي ڪري انساني ھمدردي ناتي عوام جي مدد ڪن . ان موقعي تي سنڌ جو امير محمد حسين محنتي ، حافظ نصرالله چنا،علامہ حزب اللہ جکرو ، خيرمحمد تنيو،زبير حفيظ شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ ھئا.