Karachi : Federal Minister for Power Engr. Khurram Dastgir Khan addressing press conference at K Electric . – NNI, August 24, 2022

حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) انجنيئر خرم دستگير خان کي واپڊا حيسڪو هيڊڪوارٽر پهچڻ تي حيسڪو چيف نوراحمد سومرو بريفنگ ڏني توانائي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب انجنيئر خرم دستگير خان ڪراچي کان حيدرآباد پهتو واپڊا حيسڪو هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي حيسڪو عهديدارن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي نوراحمد سومرو وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني وفاقي وزير انجينئر خرم دستگير خان حيسڪو انتظاميه کي ريڪوري وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ريڪوري وڌائڻ جون تجويزون ورتيون ۽ چيو ته اوهان حيسڪو جي ڪارڪردگي بهتر بڻايو اسان جي امپلائيز جي حفاظت پهرين ترجيح آهي ملازمن جي کوٽ کي جلد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي واهپيدارن جون شڪايتون حل ڪيون وڃن نوان بجلي ڪنيڪشن ڏنا وڃن بريفنگ ۾ حيسڪو جي نيٽ ورڪ چوماسي برساتن جي باوجود بجلي فراهم ڪرڻ، رڪوري، عملي جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن تي تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته گذريل مالي سال دوران هڪ ارب کان وڌيڪ رڪارڊ رڪوري ڪئي آهي پر پوليس اسان سان سهڪار نٿي ڪري بجلي چورن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ڪئي وڃي ٿي هن وقت اسان وٽ 40356 ٽرانسفارمر موجود آهن گرڊ اسٽيشن ۾پاڻي گهڙي آيو آهي. جنهن کي ڪڍڻ ۽ بجلي جي فراهمي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ واهپيدارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڊجيٽل ون ونڊو ڪسٽمر سينٽر ٺاهيا پيو وڃي جنهن ۾ 2 سينٽر فنڪشنل آهن ان موقعي تي وفاقي وزير سان گڏ امجد حفيظ، سلمان قيصر، نواز ليگ جو صوبائي اڳواڻ شاهه محمد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ حيسڪو جا آفيسر به موجود هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here