اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر وسيم جاويد ۽ جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران مراد علي شاهه تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نيب طرفان جوابدار محمد علي جا 45 بينڪس رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا جنهن ۾ چيو ويو ته جوابدار جو ڪو به بينڪ اڪائونٽ ناهي. جڏهن ته شريڪ جوابدار نياز علي شيخ جي معاون وڪيل چيو ته جوابدار جو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ آهي، جوابدار طرفان بريت جي درخواست آهي جنهن ۾ ريفرنس کي چيلينج ڪيو ويو آهي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.