لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا پي ايس ايل فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آل رائونڊر محمد حفيظ کي لاهور قلندرز جي ٽائيٽل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ثانيه مرزا محمد حفيظ کي ٽيگ ڪيو ۽ سندس ٽرافي ۽ خاندان سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون. ثانيه مرزا چيو ته حفيظ ڀائي توهان عظيم آهيو ۽ ٽيم جي سمورن رانديگرن پي ايس ايل ۾ سٺي پرفارمنس ڏني آهي جنهن تي مان توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. واضح رهي ته لاهور قلندرز پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 7 ۾ ايونٽ جي پسنديده ۽ دفاعي چيمپيئن ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو چيمپيئن بڻجي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here