اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 2 ڄڻا فوت ۽ 301 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 301 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا پنجاب ۾ 4 لک 44 هزار 610، سنڌ ۾ 4 لک 80 هزار 710، خيبرپختونخواه ۾ هڪ لک 81 هزار 235، بلوچستان ۾ 33 هزار 624، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 429، اسلام آباد ۾ هڪ لک 8 هزار 450، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 657 ڪيس رپورٽ ٿيا ملڪ ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 31 لک 89 هزار 338 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 44 هزار 129 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون هن وقت تائين 12 لک 54 هزار 975 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 625 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿيا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 909 ٿي ويو پنجاب ۾ 13 هزار 64، سنڌ ۾ 7 هزار 662، خيبرپختوخنواه ۾ 5 هزار 922، اسلام آباد ۾ 966، بلوچستان ۾ 363، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 746 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here