ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ جوهر آباد ايس ايڇ او جي ساٿين سان گڏ عمارت خالي ڪرائڻ جي ڪوشش، فائرنگ جي واقعي ۾ 3 مزدور مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا پوليس ايڇ ايس او سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو سرڪاري پوليس موبائيل ۽ اسلحو به ضبط ڪري ورتو تفصيل موجب سينٽرل ضلعي ۾ مقرر جوهر آباد ايس ايڇ او غيور احمد اختيار اورنگهيندي ضلعي اولهه جي علائقي پيرآباد ۾ عمارت خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪيو عمارت خالي ڪرائڻ جي تڪرار تي فائرنگ سان 3 مزدور يارگل، عبدالله ۽ شبير مارجي ويا جڏهن ته پوليس اهلڪار ڪامل عباس ۽ افتخار نالي شخص زخمي ٿي پيا مقتول يارگل جي ڀاءُ مطابق سعيد مهمند پيرآباد ۾ اسماعيل نالي شخص کان عمارت خريد ڪئي هئي اسماعيل جو پٽ قبضو نه ڏئي رهيو هو. سعيد مهمند ايس ايڇ او غيور اختر، پوليس پارٽي ۽ پنهنجي ٽن مزدورن کي وٺي عمارت خالي ڪرائڻ پهتو هو ته اسماعيل جي پٽن فائرنگ ڪري ڏني ايس ايڇ او آفيسرن کي ٻڌائڻ بنا ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ دخل ٿيو هو ڊسٽرڪٽ اولهه پوليس جڏهن پڇا ڪئي ته چيو ڦورو کي ڳولي رهيو هيس. ايڊيشنل آئي جي ڪراچي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ايس پي انويسٽيگيشن عابد قائمخاني مطابق ايس ايڇ او جوهر اباد سميت 8 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن ۾ نثار شاهه خيبرپختونخواه پوليس جو برطرف اهلڪار ۽ اينٽي تيررس اسڪواڊ جو ماهر شوٽر آهي پوليس موبائيل ۽ اسلحو به ضبط ڪيو ويو ايس ايڇ او ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس جي اانٽري ڪري روانو ٿيو جنهن ڪيس جي انتري ڪئي وئي ان جو عمارت سان ڪوبه تعلق نه آهي جنهن گهر ۾ هي داخل ٿيا اکين ڏٺن شاهدن جابيان ورتا پيا وڃن پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي گهر جي تڪرار تي پيش آيو جڏهن ته جوهر آباد پوليس جا اهلڪار هن معاملي ۾ ڇو آيا جاچ ڪري رهيا آهيون ٻئي پاسي واقعي ۾ زخمي افتخار شاه جي ڀاءُ سلمان شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان جو هڪ پارٽي سان گهر تي جهيڙو هلي رهيو هو رات دير سان هڪ درجن کان وڌيڪ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هٿياربندن سان گڏ ٻه پوليس ورڌي ۾ ماڻهو به هئا ۽ هٿياربند هٿيارن جي زور تي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن جي نتيجي ۾ جهيڙي دوران فائرنگ سان منهنجو ڀاءُ زخمي ٿيو ۽ ٻاهران آيل 3 ڄڻا مارجي ويا.