ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جهيل پارڪ ۽ ان جي ڀرپاسي قبضي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي عدالت طارق روڊ پارڪ ايراضي تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت مدينه مسجد انتظاميا ۽ اوقاف کي اڄ اڱاري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ان کان سواءِ دڪانن ۽ دلڪشا ڪلب جي خلاف به ترت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته دلڪشا ڪلب ڪيئن ٺهي ويو؟ طارق روڊ تي ان هنڌ ته هڪ پارڪ هوندو هو پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي جي وڪيل جواب ڏنو ته پارڪ ايراضي تي مسجد ٺاهي وئي آهي. ڪارروائي ڪريون ٿا ته امن خراب ٿيڻ جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو جسٽس قاضي محمد امين احمد ريمارڪس ڏنا ته اڄڪلهه وڏو سولو طريقو آهي قبضي جو، مسجد ٺاهي وڃي يا هڪ قبر ٺهي وڃي هن چيو ته مسجد نبوي کي ڪشادو ڪيئن ڪيو ويو آهي سڀني کي خبر آهي، جسٽس قاضي محمد امين احمد چيو ته ڇا قبضي جي زمين تي ٺهيل مسجد ۾ نماز ٿي سگهي ٿي؟ سپريم ڪورٽ مدينه مسجد انتظاميه کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت اوقاف کاتي کي به اڄ اڱاري لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ۽ چيو ته پارڪ جي ايراضي مسجد ۾ ڪيئن تبديل ٿي سگهي ٿي ان جي وضاحت ڏني وڃي،. 31/80 پلاٽ نمبر تي دڪان به ٺاهيا ويا جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.