ماتلي (رپورٽر)ٽنڊو غلام حيدر پوليس خلاف ماتلي ڀرسان ويٺل عمر ڪالرو جا رھواسي ھندو چارڻ ميگهواڙ برادري جو احتجاج.تفصيل موجب ڳوٺ عمر ڪالرو جو رهواسين انيل ڪمار ولد ڪملو ۽ راج ڪمار ولد ويرو چارڻ مگهواڙ کي گرفتار ڪري غير قانوني هٿيار ۽ موٽرسائيڪل ڦرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ حلاف سنڌ پريس ڪلب رجسٽرڊ ماتلي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھري ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ تعلقي ماتلي جي صدر ڪيلاش مڪواڻي چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪري چارڻ ميگهواڙ برادري جي نوجوانن کي مزدوري ڪري پيٽ گزر ڪندا آهن ۽ چار ڏينهن اڳ ٽنڊو غلام حيدر پوليس سندن گهرن ۾ گهڙي هڪ ئي وقت چار پوليس موبائيل سميت رات جو ھڪ بجي ھنن جي گهرن ۾ داخل ٿي ٽوڙ ڦور ڪري رات جو ىستل عورتن ٻارڙن تي تشدد ڪري ٻن نوجوانن انيل ڪمار ۽ راج ڪمار چارڻ مگهواڙ تي تشدد ڪري گرفتار ڪري گڏ کڻي ويا ۽ مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. اسان جو آءِ جي سنڌ. ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ ايس ايڇ او ٽنڊو غلام حيدر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي بيگناهه نوجوان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.