اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته اسان لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني جي ڪري غم جو ڏينهن آهي. اڄ شهيد ڀٽو جي خاندان جي قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هوءَ ڊيل ڪري نه ٿي اچي ته کيس شهيد ڪيو وڃي ٿو. مون سندس شهادت تي ڪتاب سهيڙيو آهي جنهن  ۾ سموريون حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن جيڪو مفت آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان جي قيادت شهيد ڪرايو هنن وٽ باقي بچيل آپگهاتي بمبار موجود آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سچ ٿا چون ته محترمه جي قاتلن سان ڳالهيون نه ڪيون وڃن. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته نچي ويل آپگهاتي بمبار اڪرام الله کي طالبان کان هتي آندو وڃي، سمورن جوابدارن کي عدالتن سزائون ڏنيون پر پوءِ به ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪا گرفتاري نه ٿي آهي. اميد آهي ته محترمه جي قاتلن کي ضرور ڦاهي ملندي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جي اي پي ايس تي حملي، پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن، ملالا يوسف زئي تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏني وڃي، هو هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستان جي جهنڊي کي سلام ڪن ٿا ته پوءِ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. افغان طالبان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون پاڪستان جي توهين آهي. ٽي ٽي پي وارن جا 112 ماڻهو آزاد نه ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، هاڻ وري هو جلال آباد ۾  سياسي آفيس جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته پوءِ هنن ۽ مڪتي باهني ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟ حڪومت کي ائين نه ڪرڻ گهرجي هو اسان سان ڳالهيون ڪري وري حملا ڪندا. افغان ۽ پاڪستان طالبان جي ناني هڪ ئي آهي هو ٻئي هڪ ئي آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيون پرڏيهي طاقتون به پاڪستان خلاف ڪم ڪري سگهن ٿيون، هنن کي اسان جي ايٽمي طاقت تي خدشا آهن. هن چيو ته رياست کي طاقتور هجڻ گهرجي، مون پ پ جي دور ۾ جڏهن جنرل بابر گهرو وزير هو ته اعظم طارق لاءِ حڪم ڏنو هو ته جيڪڏهن هو اسلام آباد اچي ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي پر ڏسندي ئي گولي هنئي وڃي. هن چيو ته سياست ۾ ڪا شي واضح نه هوندي آهي، جهڙو سوال هوندو آهي اهڙو جواب ملندو. مولانا فضل الرحمان پ پ جي قيادت سان جهڙي نموني ڳالهائيندو اهڙو جواب ملندو، ڌمڪي ڏيندو ته مسڪرائي ته اسان جي قيادت به نه ڳالهائيندي، ڪهڙي اپوزيشن حڪومت کي 4 مهينا ڏيندي آهي. ان ڳالهه مان لڳي ٿو ته ڪجهه انڊراسٽينڊنگ ٿي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here