ملير(ڊر) نامياري عالم دين شهنشاهه حسين نقوي چيو آهي ته اهلبيت جي ڏسيل راهه تي عمل ڪرڻ سان ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ملندي ملير جي جعفرطيار جي مرڪزي امام بارگاهه ۾ ناليواري شاعر ريحان اعظمي جي ورسي جي مجلس کي خطاب ڪندي علامه شهنشاهه حسين نقوي چيو ته الله سائين جي انسان کي سڄي مخلوق مان ان ڪري مٿاهون بڻايو آهي اهو پنهنجي بري ڀلي جو فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو هن چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي، انسانيت جي ڀلائي جو درس ڏيئي ٿو علامه شهنشاهه حسين نقوي چيو ته انسانيت جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿئي ٿو مجلس بعد جڳ مشهور نوحه خوان نديم رضا سرور، جلي جي ۽ علي شناور نوحه خواني پڻ ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here