اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو اهي ته گلگت بلستان جي اڳوڻي چيف جج جو حلفي بيان نوازشريف جي حق ۾ ٽِين وڏي شاهدي آهي جيڪا عدالت طرفان آئي آهي، رانا شميم جي انڪشافن تي سڀ کان پهريون نوٽيس ثاقب نثار تي وڃڻ گهرجي ها. حلفي بيان اچي ٿو ته ان تي جواب به حلفي بيان ۾ اچڻ گهرجي ڪوڙن ڪيسن ۾ وزيراعظم کي عدالتن جا چڪر لڳرايا ويا. ڪوڙن ڪيسن ۾ 200 کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيون سڀ کان پهريان نوٽيس اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي وڃڻ گهرجي پي ٽي آئي پهرين ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هئي ۽ هاڻي هي پنهنجي پڄاڻي جي ويجهو آهي. جيڪڏهن هن ملڪ کي مسئلن ۽ اهنجن مان ڪڍڻو آهي ته آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون برطانيا جا جيترا به ادارا آهن اهي مستند آهن ان تي سوال نٿو اٿاري سگهجي. نوٽري پبلڪ ئي اهو ادارو آهي جتان حڪومت پاڪستان پنهنجا ڪاغذ تصديق ڪرائي ٿي. منهنجا سمورا ڪاغذ نوٽرائيزڊ آهن اربع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مون کي ۽ نوازشريف کي الله جي ذات تي يقين هو جڏهن ته مون کي اها ڄاڻ نه ئي ته هي ڏينهن جلد ايندو هن چيو ته اها ئي جعلي حڪومت ۽ عدالتون ۽ اهو طاقت جو غلط استعمال آهي جڏهن ته هي قدرت جو نظام آهي ته نوازشريف جي حق ۾ ٽين وڏي گواهي عدليه طرفان آئي اهي هن چيو ته اڳوڻي وزيراعطم کي جنهن سزا ڏني ارشد ملڪ صاحب مرحوم ان نوازشريف جي حق ۾ پنهنجي حياتي ۾ شاهدي ڏني ان کان علاوه شوڪت عزيز صديقي صاحب به نوڪري دوران نوازشريف جي حق ۾ شاهدي ڏني مريم نواز چيو ته اهو شخص جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻيل آهي ان وٽ پنهنجي حق ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه نه آهي هن چيو ته نوازشريف سان گڏ نه ويهجو نه ان لاءِ شاهدي ڏجو هن چيو ته هاڻي گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج جي شاهدي آئي آهي اڳوڻو چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار ان جي سامهون فون تي اها هدايت ڏني ته نوازشريف ۽ مريم نوازشريف کي اليڪشن کان اڳ ضمانت نه ڏيو. مريم نواز چيو ته جڏهن ان کان پڇا ڪئي ته اوهان ايئن ڇو ڪري رهيا آهيو ته هن چيو ته پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي عدالتن ۾ فرق اهي هن چيو ته شوڪت عزيز صديقي کي نوازشريف بابت شاهدي تي انصاف ڏيڻ بدران نوڪري مان ڪڍيو ويو ۽ ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ کڻي ويا. جنهن ملڪ ۾ منصف کي  انصاف نه ملي ته اسان کي انصاف ملڻ ڏکيو آهي، هن چيو ته ان کان پوءِ ارشد ملڪ جي شاهدي ملي ته ان تي ڪارروائي ڪئي وڃي ها يا جاچ ڪئي وڃي ها ته اوهان ان معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو هن چيو ته هڪ ملڪ جي وزيراعظم کي ڪوڙي سزا ڏيڻ لاءِ اوهان جج کي نوڪري مان ڪڍندي چيو ته هي انصاف جي منهن تي چٽو آهي هن چيو ته چيف جج جيڪي انڪشاف ڪيا آهن ان تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کيس توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو آهي، جيتوڻيڪ اوهان کي ان کي ٻڌڻ گهرجي ها سڀ کان پهريون نوٽيس ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار ڏانهن وڃڻ گهرجي ها مريم نواز چيو ته ثاقب نثار صاحب جو اهو چوڻ ته مون کي ڪهڙي ضرورت پئي جو مان عدالتن جاچڪر لڳايان هي اوهان پاران زيادتي ڪئي وئي آهي جڏهنا سان پنجن سالن کان عدالتن جا چڪر لڳائي سگهون ٿا ته اوهان ڇو نٿا لڳائي سگهو هن چيو ته انصاف جو معيار ڏسو ته پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ عدالت کي ان بنياد تي اوورٽرن ڪيو وڃي ٿو ته ان خاص عدالت جي منطوري ڪابينا نه ڏني پر نوازشريف جي فيصلي ۾ ٽن ججن شاهدي ڏني پر کين ڪوڙي سزا ڏني وئي هن چيو ته جيڪڏهن اوهان اهو لڳي ٿو ته اوهان طاقت تي کٽي ويندا ته هي سڀني جي سامهون آهي مريم نواز چيو ته جيڪا صورتحال آهي ان جو هڪ ئي حل آهي ته جيڪڏهن هن ملڪ کي انهن ڏکيائين مان ڪڍڻو آهي، جنهن ۾ ان کي عمران خان ڌڪي چڪو آهي ته ان جو حل آزاد ۽ شفاف چونڊون آهن، هن چيو ته مان پنهنجي قانوني ٽيم سان ويهنديس ۽ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ نيب پاڻ ئي اڄ وقت گهري ورتو هن چيو ته پيٽي آئي جي ايتري ئي زندگي آهي ۽ هاڻي اها ختم ٿي چڪي آهي ان جي ڪري پاڪستان جي عوام تي تڪليفون آيون پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي هر منٽ ۾مهانگائي وڌي ٿي ۽ هاڻي ماڻهن کي گئس به ڏينهن ۾ 3 ڀيرا ڏني ويندي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي تباهي مان ڪڍڻو آهي ته شفاف اليڪشن ئي رستو آهي ان هائوس تبديلي لاءِ ڪنهن جي مدد نٿا وٺڻ چاهيون قدرت طرفان سزا جي شروعات ٿي چڪي آهي. گهمندڙ ڦرندڙ هڪ انسان عبرت جو نشان بڻيو آهي هي سزائون قدرت ان جي نرڙ تي لکي ڇڏيون آهن نيب منهنجي ڪيس کي روز هلائڻ چاهي ٿي ۽ اڄ اهي پاڻ ئي وقت گهري رهيا هئا پي ٽي آئي پهرين ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هئي ۽ هاڻي ان جي پڄاڻي ويجهو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here