اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس وڌيڪ 10 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 628 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 8 هزار 362 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 27 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 42 هزار 68، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 293، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 79 هزار 276، بلوچستان ۾ 33 هزار 422، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 403، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 383، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 517 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 14 لک 84 هزار 466 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 32 هزار 6 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 29 هزار 347 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 85 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here