اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي هاڻ ان جو گهٽ وقت رهجي ويو آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪمزور دل جا ماڻهو سياست ۾ نٿا اچي سگهن. مستقبل ۾ ماڻهو عدليه، بيورو ڪريسي ۽ سول سروس ۾ به نه ايندا. مراد علي شاهه چيو ته موجوده حڪومت کي آئين جي ڪابه سمجهه ناهي. حڪومت ۾ نااهل، گهٽ عقل ۽ ناسمجهه ماڻهو جمع ٿي ويا آهن. جيڪي نااهل ماڻهو آئين جي پاسداري نٿا ڪن اهي ملڪ ڇا هلائيندا جيڪڏهن ڪو آفيسر صوبي ۾ صحيح ڪم ڪري رهيو آهي ته ان کي وفاق صوبي مان ڪڍي ڇڏي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here