اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم تڪراري قانونن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ لانگ مارچ بابت تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت. ڏني وئي جڏهن ته 22 نومبر تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ انهن تجويزن جي منظوري ڏني ويندي. اجلاس بابت ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ تڪراري قانون پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو ٻئي طرف حڪومت پاران گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن سان فون تي رابطا ڪيا آهن، بيان ۾ تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو، بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل، اي اين پي جي امير حيدر هوتي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر شفيق ترين، نيشنل پارٽي جي عبدالمالڪ، فاٽا جي محسن داوڙ، جماعت اسلامي جي سراج الحق سان ڌار ڌار فون تي رابطا ڪيا آهن، شهباز شريف جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي پارٽين قومي ۽ عوامي مفاد ۾ بيمثال اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن ڪري حڪومت کي پسپائي جو منهن ڏسڻو پيو، حڪومتي بدنيتي ۽ ڪارن قانونن خلاف مخالف ڌر جي اتحاد کي ايندڙ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ به ان قوت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، آئين، عوام ۽ پارليامينٽ خلاف هر قدم جي سامهون اپوزيشن اتحاد بيهي رهندو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهبازشريف سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت جي سمورين پاليسين کي پارليامينٽ مان ناڪام بڻائي سگهجي ٿو، خوشي آهي ته اپوزيشن گڏيل حڪمت عملي ذريعي پارليامينٽ جي محاذ تي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ملي چڪي آهي
اپوزيشن طرفان حڪومت طرفان قانونسازي ڪرڻ واري ڪوششن کي ايوان اندر ته ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر ان سان گڏوگڏ قانونسازي ٿيڻ جي صورت ۾ عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ به حڪومت لاءِ پريشاني جو ڪارڻ رهندو هونئن به قانونسازي اهڙي ٿيڻ گهرجي جيڪا ايوان م ويٺل سمورين جماعتن کي قابل قبول هجي تنهن ڪري حڪومت کي ان حوالي سان سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي