اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ اٿارٽي وزيراعظم آهي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ قانوني طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي ملٽري ۽ سول قيادت ۾ سٺا لاڳاپا آهن، گذريل رات وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، ڪڏهن به وزيراعظم آفيس اهڙو قدم نه کڻندي، جنهن سان فوج جي سپهه سالار جي عزت گهٽجي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو ۽ سمورا آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي معاملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته اجلاس ۾ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ نيول چيف به جنازي نماز ۾ شريڪ هئا، جنازي نماز ۾ 15 کان وڌيڪ وزيرن پڻ شرڪت ڪئي، اسان جي وزيرن کي اها عادت ناهي ته پنهنجون تصويرون ڪڍرائن. سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانکي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي ڪابينا جو ڪوئي به اجلاس اهڙو نه آهي جنهن ۾ اسان چونڊ سڌارن ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي حقن جي تحفظ لاءِ ڳالهه نه ڪئي هجي ۽ اسان اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيون ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي سهولت ڏيڻي آهي ته جيئن اهي ووٽ ڏئي سگهن هڪ سوال جي جواب ۾ هن ڇيو ته شوڪت ترين اڄڪلهه آئي ايم ايف سان ڳالهين ۾ مصروف آهي، ان جي سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ جي حوالي سان ڳالهه ٿي چڪي آهي ۽ هي آئيني ۽ قانوني طريقي مطابق پنهنجو ڪم جاري رکيو ويندو هن چيو ته وزيراعظم موجود نه هو ٻي صورت ۾ هو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي ۾ ضرور شريڪ ٿئي ها پر ان جي هدايت مطابق سموري ڪابينه جنازي ۾ شرڪت ڪئي هئي. سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ نيول چيف آف جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز ۾ 15 کان وڌيڪ وزير شريڪ ٿيا. هن چيو ته اسان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته اسان ڪيئن غلط خبر کي اصل خبر سان پرکيون ۽ سوشل ميڊيا تي ڪائي شئي ڏسڻ کان پوءِ ان جي پٺيان پوڻ کان اڳ ان جي تصديق ضرور ڪرڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ مسئلو هلي رهيو آهي اسان جي خواهش اها آهي ته استحڪام هجي ۽ سياسي ۽ آئيني طريقي مطابق شيون اڳتي وڌڻ گهرجن. فواد چوڌري چيو ته بلوچستان جي گورنر وزيراعطم کي اتان جي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني آهي ۽ اسان ان ڏس ۾ آئيني ۽ قانوني طريقي مطابق اڳتي وڌنداسين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here