حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ورتل 2019ع جي چٽاڀيٽي وارو امتحان پاس ڪندڙ ميدوارن جوائننگ نه ملڻ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري ۾ ڪيترن ئي نوجوان  سميت وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ٻين شعبن جي ماڻهن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ها ِء ڪورٽ آف سنڌ جي 3 جون 2021ع واري فيصلي جو جواز ڄاڻائي سندن نوڪرين جا آرڊر روڪي ڇڏيا آهن، جڏهن ته 3 جون واري فيصلي ۾ سندن امتحان “سي سي اي 19 “جو ڪو به ذڪر ناهي. سندن چوڻ هو ته سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل پاران فيصلي جي جنهن شق جو حوالو ڏيندي سندن مقرري کي روڪڻ جي را ِء ڏني آهي، اها شق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ 1989ع تحت ٿيندڙ مقررين تي پابندي هڻي ٿي جنهن ۾ ڪميشن جي پنهنجي ميمبرن جي تقرري ٿيندي آهي، جڏهن ته سندن مقرري سنڌ سول سروينٽس ايڪٽ 1974ع ذريعي ٿيڻي آهي جيڪو جيئن جو تيئن برقرار آهي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته ايڊوڪيٽ جنرل جي را ِء تي ڪيترن ئي قانوني ماهرن کي اختالف آهي پر سنڌ سرڪار پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ جي بجا ِء نوجوانن جي مستقبل سان کيڏڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. انهن خدشو ظاهر ڪيو ته سندن نوڪري جي عمر وڃي رهي آهي ۽ اگر سندن مستقبل کي ايئن رولڙي جو شڪار ڪيو ويو ته سندن نوڪري جي عمر به نڪري ويندي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ها ِء ڪورٽ جي 3 جون واري فيصلي ڌرين خالف سپريم ڪورٽ ۾ لڳل سنڌ سرڪار جي اپيل سان سندن جو به سڌو يا اڻسڌو واسطو ناهي ڇو ته اهي فيصلي جي متاثر ُ منجهان ناهن ۽ نه ئي ها ِء ڪورٽ جي فيصلي ۾ سندن امتحان خالف ڪا شي ِء لکيل آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اگر سنڌ سرڪار واقعي اهو سمجهي ٿي ته ها ِء ڪورٽ جي فيصلي سان 2017ع کانپو ِء جون سڀ تقرريون تنازي جو شڪار ٿي ويون آهن ته پو ِء کين اهو ٻڌايو وڃي ته تازو مقرر ڪيل ايگريڪلچر آفيسرن کي ڪهڙي قانون تحت جوائننگ ڏني وئي هئي. انهن گهر ڪئي ته سنڌ سرڪار ساڻن اها ٻه اکيائي بند ڪري، سندن مستقبل سان کيڏڻ بند ڪري، ته جيئن ڪميشن پاس ڪري آيل نوجوان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري سگهن. احتجاج ڪندڙ نوجوانن اها ڳالهه واضح ڪئي ته اگر سندن جائز مطالبن کي موٽ نه ملي ته اهي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي هر سطح تي پنهنجي پر امن جدوجهد جاري رکندي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. انهن وڌيڪ اها گهر ڪئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ترت بحال ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن .الء باعزت نوڪري جا در کلي سگهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here