اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي ۾ اربين روپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽ موجب آڊيٽر جنرل پاڪستان سول ايوي ايشن جي مالي سال 20-2019 جي آڊٽ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ گڏيل طور تي 53 آڊٽ پيراز شامل ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي بي قاعدگين، غيرقانوني فلائٽس جي اجازت نامن ۽ ملڪيتي ايراضي تي قبضي سان اداري کي 300 ارب روپين جو نقصان ٿيو.سي اي اي کي ڪيترائي ڀيرا ياد ڏيارڻ جي باوجود ڊپارٽمينٽل آڊٽ ڪميٽي جو اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو. رپورٽ ۾ 65 ارب 11 ڪروڙ 40 لک روپين جي مالي معاملن جون آڊٽ پيراز به شامل آهن. ڊٽ اعتراضن ۾ 75 ارب 43 ڪروڙ غيرقانوني فلائٽس جي اجازت آهي ۽ ان جي بقايات جي وصولي نه ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداري جي ملڪيتي ايراضي تي قبضن سان 144 ارب 99 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو. ان کان علاوه ايئرلائنز ۽ بين ادارن جي واجبات جي وصولي ۾ دير يا وصولي نه ٿيڻ سبب 14 ارب 58 ڪروڙ روپين جو نقصان پهتو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here