مظفر آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ گڏيل وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي اتفاق ڪري ورتو خانگي ٽي موجب آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ پارليماني تعاون لاءِ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ رابطو ٿيو آهي ذريعن موجب ٻئي پارٽيون آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي اليڪشن لاءِ گڏيل تعاون ڪنديون ۽ ان تعاون جي ڪري ٻنهي اپوزيشن پارٽين کي عورتن جي سيٽن تي هڪ هڪ سيٽ حاصل ٿي ويندي اپوزيشن ذريعن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ به گڏيل اميدوار بيهاريا ويندا جڏهن ته ليڊر آف دي اپوزيشن جي سيٽ پيپلزپارٽي جي حصي ۾ ايندي ان حوالي سان آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي صدر چوڌري لطيف اڪبر ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ۾ گڏيل تعاون جو فيصلو ٿيو آهي ٻئي پارٽيون، گڏيل حڪمت عملي تحت هلنديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here