اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آخري درخواست تي گهرو وزارت ۽ صحت کاتي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آخري صحيح ٿيل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جيڪا شاگردن مٿان تشدد ۽ پي ايم سي جي امتحانن خلاف داخل ڪئي وئي هئي. ايڊووڪيٽ وقاص ملڪ عبدالقدير خان جي درخواست ان جي لاڏاڻي کان پوءِ پاڻ داخل ڪئي هئي جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ٻڌڻي ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا شاگرد تشدد سبب زخمي ۽ ڪيترا گرفتار ٿيا؟ اين ايل اي ٽيسٽ ڪيئن کڻي وڃي رهيو آهي؟ ان صورتحال بابت آگاهي ڏني وڃي. عدالت مرحوم ايٽمي سائنسدان جي درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 3 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. عدالت گهرو وزارت ۽ صحت واري وزارت کان به 3 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي ۽ گهرو وزارت کان ميڊيڪل جي شاگردن خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ به گهري ورتو آهي.