اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بندش پيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد حسين رضوي جي رهائي جو فيصلو پنجاب حڪومت جي درخواست جو معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ جي خاص بئنچ ڏانهن اماڻي ڇڏيو سپريم ڪورٽ ۾ ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي جي رهائي جي فيصلي جي خلاف پنجاب حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي ٻڌل بئچ ٻڌڻي ڪئي. پنجاب حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته افسوسناڪ واقعي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي نظرثاني بورڊ سعد رضوي جي نطربندي ۾ واڌ نه ڪئي. جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا دهشتگردي ٽوڙ قلمن تحت نظربندي جو ڪوئي گزٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو صوبائي حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته هائو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي سعد رضوي جي چاچي جي وڪيل برهان معظم ملڪ چيو ته حڪومت وٽ 90 ڏينهن کان پوءِ نظربندي جي واڌ جو اختيار نه آهي جسٽس مظاهر نقوي چيو ته شايد ٻنهي ڌرين طرفان ڪيس کي صحيح نموني سان ڊيل نه ڪيو ويو، جيڪي ماضي ۾ واقعا ٿيا اوهان ان کي ته مڃون ٿا ته اهڙو واقعو ٿيو وڪيل برهان معظم ملڪ چيو ته جڏهن هنگامو ٿيو ته سعد رضوي ان کان پهريان کان جيل ۾ آهي ۽ هو بنا ڪنهن سبب جي 6 مهينن کان جيل ۾ آهي، سپريم ڪورٽ معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ کي اماڻيندي چيو ته ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ٻن ميمبرن تي ٻڌل خاص بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here