وفاقي ڪابينا چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي بابت نئين قانونسازي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي کانسواءِ چنڊ ڏسڻ جو نجي سطح تي اعلان ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لڳندو، جڏهن ته ملڪ اندر گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير بابت اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ ۽ گهڻ ماڙ عمارتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪابينا جي اجلاس ۾ گهڻ ماڙ عمارتن ٺاهڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو، جن شهرن ۾ ايئرپورٽ آهن انهن جي ويجهو گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير لاءِ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ ۽ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ طرف شهرين کي متوجهه ڪرڻ بابت حڪومت جي ڪوششن باوجود عملدرآمد نه ٿيو آهي، گهڻ ماڙ عمارتون ايتريون نه ٺهي رهيون آهن جيترون ٺهڻ گهرجن، ان حوالي سان وفاقي ڪابينا 4 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا ان فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو جائزو وٺي هڪ هفتي اندر ان جي رپورٽ پيش ڪندي، ٽيليفون صنعت جي اربين رپين جي ملڪيت نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن کي منقتل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، 158 ملازم به اين آر ٽي سي کي منتقل ٿيندا، وفاقي بزنس ۽ هيومن رائيٽس بابت نيشنل ايڪشن پلان جي منظوري ڏني آهي، جيڪو انساني حقن جي وفاقي وزارت پاران تيار ڪيو ويو، اهو پلان سمورن ڪاروبارن تي لاڳو هوندو، ان پلان تحت انساني حقن کي يقيني بڻايو ويندو،چائيلڊ ليبر نه رکي سگهبي، ورڪرن جي صحت ۽ تحفظ کي به يقيني بڻائي سگهبو، وفاقي ڪابينا آن لائين ويزا جي سهولت ڏيڻ جي حوالي سان به منظوري ڏني، هاڻي ان فيصلي تحت 191 ملڪن کي اي ويزا جي سهولت دستياب هوندي، پهريان صرف 50 ملڪن کي اها سهولت حاصل هئي، وفاقي ڪابينا محمود باقي مولوي جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بورڊ جي ميمبر جي حيثيت سان ڏنل استعيفا منظور ڪندي سندس جاءِ تي سعود اعظم هاشمي کي بورڊ جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا عدالتي حڪم تي 24 دوائن جي برانڊن جي نئين قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، انڊونيشيا کي ڪورونا وبا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ امداد جي فراهمي جي به منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي حوالي سان نئين قانونسازي جي منظوري ڏني آهي، جنهن مطابق وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون قائم ٿينديون، چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ۾ موسميات کاتي، سپارڪو ۽ سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جا نمائندا به شامل هوندا، چنڊ نظر اچڻ بابت اعلان ڪرڻ صرف مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اختيار هوندو، رويت هلال ڪاميٽي ۾ هر صوبي مان 2 ميمبر مقرر ٿيندا، نجي ماڻهن پاران چنڊ نظر اچڻ بابت اعلان ڪرڻ تي پابندي هوندي ۽ انهن کي جرماني جي سزا ڏئي سگهبي، مذهبي وزارت نجي ماڻهن پاران چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪرڻ تي 5 سال سزا تجويز ڪئي جنهن جي ڪابينا منظوري نه ڏني.