اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته ڪرونا وگهي ماڻهو مري رهيا آهن نيازي حڪومت رڳو ڊرامي بازي ڪري رهي آهي بلاول ڀٽو جي بيان تي اسد عمر جو ردعمل حقيقت جي ابتڙ ۽ غير ذميواراڻو آهي، اسد عمر ۾ اهليت هجي ها ته ناڻي واري  وزير جي عهدي تان کيس هٽايو نه وڃي ها. هڪ بيان ۾ پيپلزپارٽي پارليمينٽرينز جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته ڪرونا وگهي ماڻهو مري رهيا آهن ۽ نيازي حڪومت رڳو ڊرامي بازي ڪري رهي آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي شهرين جي صحت ۽ زندگي پياري آهي شازيه مري چيو ته معيشت انساني صحت سان مشروط آهي قوم پڇا ڪري ٿي ته ڪرونا جي حوالي سان ملندڙ پئسا ڪٿي اهن هن چيو ته بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي جو ملڪ تي نالائقن جي حڪومت مڙهيل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪرونا وبا پکڙجي وئي ۽ خدا نه ڪري ڀارت جهڙيون حالتون ٿيون ته ذميوار عمران خان هوندو هن چيو ته هي هڪ الميو آهي ته عمران نيازي کي ڪنهن شئي جي سمجهه نه آهي ۽ هو ملڪ جي اهم عهدي تي مڙهيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here