اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) (ن) ليگ جو اعلان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر احسن اقبال هڪ دفعو ٻيهر ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويو. ٽيوٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته مون کي ڪووڊ جي ٻيهر سڃاڻپ ٿي آهي ۽ مان پاڻ کي قرنطينه ڪري ورتو آهي مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪرِٽري پنهنجي جلد صحيابي جي دعا جي درخواست ڪندي عوام کي اپيل ڪئي ته ماسڪ پايو ۽ ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪريو ٻئي پاسي مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ احسن اقبال کي صحتياب ڪري ۽ پنهنجي حفاظت ۾ رکي.