ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ واري حليم عادل شيخ جي درخواست شروعاتي ٻڌڻي کان پوءِ رد ڪري ڇڏي. عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏيو. حليم عادل شيخ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته 2013 ۾ مراد علي شاهه کي ٻٽي شهريت لڪائڻ تي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو. نااهلي جي باوجود مراد علي شاهه ننڍين چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. حليم عادل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته مراد علي شاهه صادق ۽ امين ناهي رهيو کيس آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت مستقل نااهل قرار ڏنو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here