اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فواد چوڌري بلدياتي اليڪشن نھ ڪرائڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو آھي،وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ لوڪل گورنمينٽ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت وڏا وزير ڪري رهيا آهن، وفاق طرفان مليل پئسو وزيراعليٰ هائوسز ۾ ڦاسي پوندو آهي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ کي مالياتي ايوارڊ تحت 17-18 سئو ارب رُپيا مليا، پر سنڌ سرڪار ڪراچي تي هڪ رُپيو به خرچ نٿي ڪري. ڪراچي مان ووٽ ملڻ سبب پي ٽي آءِ سياسي ۽ عوامي دٻاءُ ۾ اچي ڪراچي کي 11 سئو ارب رُپيا ڌار ڏئي ڇڏيا، پر اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. ھن چيو تھ بدقسمتي سان عدليه ۽ پارليامينٽ لوڪل گورنمينٽ تي دلچسپي ناهي ڏيکاري، 18هين ترميم کانپوءِ وفاق جا اختيار صوبن کي ته منتقل ٿيا، پر صوبن بلدياتي اختيار به واپس وٺي ڇڏيا…سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي شهباز شريف پنجاب جي بجيٽ جو وڏو حصو لاهور تي خرچ ڪيو.اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي مستقبل تي ٿيندڙ قومي ڪانفرنس کي خطاب دوران فواد چوڌري سنڌ حڪومت کي نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪندي، اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا ڪيئن ٿا حل ڪري سگهون؟ سياسي دٻاءَ جي ڪري ڪراچي کي 11 سئو ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته صوبي جي ٻين شهرن جو پيسو لاهور تي لڳايو ويو، اهو ته ڪو طريقو ناهي. هن ڪراچي جي حوالي سان چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جا نالا صاف ڪيا، حڪومت ڪي سي آر تي خرچ ڪري رهي آهي. فواد چوڌري لوڪل گورنمينٽ اليڪشن نه ڪرائڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته وڏي وزيرن جي طرفان لوڪل گورنمينٽ جي مخالفت سامهون اچي رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي غلطي هئي ته لوڪل گورنمينٽ اليڪشن نه ڪرايا ويا، ڪراچي مان پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي آهي، ڪراچي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ انهن جو خيال رکي.