لاھور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻن چيو آھي تھ پي ٽي آءِ جو بدترين انتقام بي نقاب ٿي ويو، حڪومت جي ڪوڙن الزامن تي ٻڌل افساني کي برطانوي عدالت رديءَ جي ٽوڪري ۾ اُڇلي ڇڏيو. نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ٻين لاھور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران حڪومت تي جوابي وار ڪيا، نواز ليگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت شهباز شريف خلاف نام نهاد ثبوتن جو رڪارڊ برطانوي ايجنسي اڳيان پيش ڪيو، اُهو رڪارڊ ملڪي عوام کي به ڏيکاريو ويندو آهي، برطانوي عدالت ثبوتن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ هاڻي وري شهزاد اڪبر چئي ٿو ته رڳو سليمان شهباز خلاف انڪوائري هلي رهي هئي، پي ٽي آءِ حڪومت هيل تائين هڪ به الزام ثابت ناهي ڪري سگهي، حڪمران ھاڻ بليڪ ميلنگ تي لھي آيا آھن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here