اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ ڀُونگ ۾ پاڻي جي نلڪي تي جهيڙي جا اطلاع مليا آهن، ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو ته پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا، معاشري ۾ اخلاقي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ رحيم يار خان مندر ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان ريمارڪس ڏنا ويا، عدالت چيف سيڪريٽري ڪي پي کي مندر جي اڏاوت بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ٻڌڻي دوران عدالت اين ايڇ اي جي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي حالت ڏٺي اٿئو، سنڌ ۾ موٽر وي رڳو نالي ماتر آهن، ملتان- سکر موٽروي تي ڪوبه ريسٽ روم ٺهيل ناهي. اين ايڇ اي چيئرمين چيو ته اُن حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهيو، توهان جي ڊيوٽي لڳايون ته روز ملتان – سکر موٽروي تي سفر ڪريو، سفر ڪندئو ته توهان کي ماڻهن جي تڪليفن جو اندازو ٿي ويندو.