اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ساڍا نو ڪروڙ پاڪستاني غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سوا ڪروڙ ماڻهن جي اضافي سان پاڪستان ۾9 ڪروڙ شهري  غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. عالمي بئنڪ زور ڀريو ته زراعت ۽ ريئل اسٽيڪ تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ معاشي مضبوطيءَ لاءِ جي ڊي پي جي ست سيڪڙو برابر  مالياتي ايڊجسٽمينٽ ڪندي پنهنجا خرچ گهٽ ڪيا وڃن. بيان ۾ چيو ويو ته  پاڪستان ۾ گذريل مالي سال غربت وڌي 39 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، خراب معاشي حالتن سبب وڌيڪ سوا ڪروڙ ماڻهو غربت جي دائري ۾ اچي ويا آهن. عالمي بئنڪ طرفان جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس ۾ فوري طور 5 سيڪڙو اضافو ڪرڻ ۽ڊي جي پي جي 2 ڏهائي 7 سيڪڙو خرچ گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ ورلڊبئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بين هيسن چيو ته پاڪستان لاءِ پاليسي ۾ تبديليءَ جو هڪ انٽر موقعو آهي، کين اميد آهي ته پاڪستان ۾ موجوده معاشي حالتن جو تدارڪ ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here