سيوهڻ (رپورٽ: گل سيوهاڻي) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته برساتي ٻوڏ متاثرن جي گهر جلد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، جلد سٺا نتيجا نڪرندا، سنڌ جي نگران حڪومت عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي. سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سيوهڻ پهچي حضرت لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو ۽ عوام کي بھتر صحت جون سهولتون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير اڙل ھيڊ واھه جي تعميراتي ڪم جو به جائزو ورتو جتي ايريگيشن کاتي جي عملدارن کيس بريفنگ ڏني. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اڪتڙ کان منڇر روڊ جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ يوسي آراضي جي ڳوٺ ولي محمد گائنچو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان موجب، گهرن جي اڏاوت ڪندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ نگران وڏي وزير کي ماڻهن ٻڌايو ته پهرين قسط 75 هزار جي ملي هئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ڊي سي ڪئمپ آفيس ۾ ڪمشنر حيدرآباد ۽ ضلعي ڄامشوري انتظاميا سان اهم گڏجاڻي ڪئي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر رورل هيلٿ سينٽر آراضي جو دورو ڪيو جتي کيس ڊاڪٽر محمد رمضان بريفنگ ڏني. نگران وڏي وزير فارميسي جو معائنو ڪري دوائن جي ضرورت ۽ کوٽ بابت معلومات ورتي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر زندگي بچائڻ واري دوائن بابت به معلومات ورتي. نگران وڏي وزير ايڪسري مشين جو معائنو ڪيو مشين جي خراب هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سنڌ جي نگران وڏي وزير پاران ٻوڏ متاثرن ۾ گهرن جون سندون ورهايون ويون. ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺاهيل گهر ڏسي سندس روح خوش ٿيو آهي، بهترين گهر تعمير ڪيل آهن. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪراچي ۾ لکين مڻ کنڊ هٿ ڪئي آهي. نگران وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، جلد سٺا نتيجا نڪرندا. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سندن ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي، ڪميشن جڏهن به اعلان ڪري هو چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهن….





