راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران خانيوال واسي 21 ورهين جو جوان شڪيل شفقت بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز اثرائتي انداز ۾ دهشتگردن جي ٿاڪ جو پتو لڳايو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here