اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چونڊ رولز جي 18 شقن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. رولز ۾ تبديلي جي تحت چونڊ بابت پٽيشن هڪ لک روپين جي عيوض فائل ٿي سگهندي. اليڪشن ڪميشن ڪيس تي 180 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائيندو. ٻڌڻي دوران التوا گهرڻ تي 10 کان 50 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻڌڻي ۾ 3 ڏينهن کان وڌيڪ جو التوا نه ملندو. اليڪشن ڪميشن 5 نوان فارم به جاري ڪري ڇڏيا آهن. ترميم ٿيل رولز تي 15 ڏينهن ۾ اعتراض داخل ڪري سگهبا. اميدوار کي چونڊ خرچ جي لاءِ ڌار بينڪ اڪائونٽ کولڻو پوندو. چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار جو گڏيل اڪائونٽ قبول ڪرڻ جوڳو نه هوندو. اميدوار چونڊ مهم تي مالي خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان اڳ بينڪ اڪائونٽ کولڻ جو پابند هوندو. رولز موجب ريٽرننگ آفيسر اميدوار کي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ رزلٽ ڏيندو. رولز تبديلي جي تحت پوسٽل بيلٽ چونڊن واري ڏينهن کان اڳ آر او کي نه ملڻ تي ووٽ ڳڻپ ۾ شمار نه ٿيندا. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته آر او اميدوارن جي موجودگي ۾ رزلٽ حوالي ڪندو ۽ آر او نتيجن جي لاءِ فارم 47، 48، 49 پاڻ جوڙي سيل ڪندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سياسي پارٽيون انٽرا پارٽي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪرڻ جون پابند هونديون.