نوشھروفيروز (رپورٽ؛ ساگر سهيل منگي) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي فريادي شبنم فرڙو کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايڇ او خانواهڻ معطل، ايس ايس پي نوشهروفيروز عابد علي بلوچ ميڊيا ۾ آيل خبرن جو نوٽيس وٺندي فاطمه جي ماءُ ۽ فاطمه قتل ڪيس جي فريادڻ شبنم فرڙو کي ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايڇ او خانواهڻ عبدالغني دايو کي معطل ڪري لائن حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نوشهروفيروز پوليس جي ترجمان شوڪت احمد ڪلو موجب سب ڊويزنل پوليس آفيسر نوشهروفيروز امداد علي سولنگي کي ڌمڪيون ملڻ جي انڪوائري لاء مقرر ڪيو ويو آهي۔ واضح رهي ته راڻي پور ۾ بيدردي سان قتل ٿيل فاطمه جي ماءُ ۽ فاطمه قتل ڪيس جي فريادي شبنم فرڙو 3 ڏينهن اڳ سنڌ جي نگران گهرو وزير آڏو پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ايس ايڇ او خانواهڻ عبدالغني دايو مون کي اغوا ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ راڻيپور جي پيرن جو ساٿي آهي ان ڪري ايس ايڇ او کي فوري طور تي بدلي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جنهن تي اڄ ايس ايس پي نوشهروفيروز نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او خانواهڻ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.